طورخم ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

خيبرايجنسي جي علائقي طورخم ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

طورخم روڊ تي تيز رفتار بس کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون ۽ ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس ۽ مقامي ماڻهن بس ۾ ڦاٿل لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي لنڊي ڪوتل اسپتال منتقل ڪيو آهي، جتي زخمين کي طبي امدا ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب، حادثي ۾ 2 عورتون ۽ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، حادثو ڊرائيور جي لاپراهي ۽ تيز رفتاري سبب پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*