لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات پوڄاپاٽ دوران رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي ويل هندو نوجوان جو لاش ڏوڪري ڀرسان هٿ ڪيو ويو

larkana hindu nojwan budi

لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات پوڄاپاٽ دوران رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي ويل هندو نوجوان جو لاش ڏوڪري ڀرسان هٿ ڪيو ويو.

ڏوڪري پوليس هندو نوجوان ڌرمپال جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو، لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

نوجوان ڌرمپال جو لاش لاڙڪاڻي ۾ سندس گهر پهچائڻ تي قهرام مچي ويو.

گذريل رات رائيس ڪئنال ۾ پوڄاپاٽ دوران هندو نوجوان ڌرمپال ٻڏي ويو هو، جنهن جو لاش ڏوڪري ڀرسان مليو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*