وزيراعظم نوازشريف جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته

Nawaz-Sharif-99-14317

وزيراعظم نوازشريف جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ استعمال ٿيل زبان ۾ بدنيتي نظر اچي رهي آهي، سازش کي جلد بي نقاب ڪيو ويندو، اسان سياست مان ڪمايو نه پر گهڻو ڪجهه وڃايو آهي.

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس ٿيو.جنهن دوران وزيراعظم جي آءِ ٽي رپورت بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڪابينا ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو.

ان موقعي تي وزيراعظم نوازشريف چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ استعمال ٿيل زبان ۾ بدنيتي نظر اچي رهي آهي.

هن چيو ته کيس جي آءِ ٽي رپورٽ تي خدشا آهن، جلد پاناما پٺيل سازش کي بي نقاب ڪيو ويندو.

وزيراعظم چيو ته سندس ڪٽنب ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي، الزام لڳائيندڙ ڪنهن به منصوبي ۾ هڪ پائي جي به ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکارين.

نوازشريف چيو ته منهنجي ۽ شهباز شريف جي ڪنهن به دور ۾ ڪرپشن ناهي ڪئي. جيڪڏهن ثبوت آهن ته سامهون آندا وڃن.

وزيراعظم چيو ته سندس اباڻو ڪاروبار 1937 کان آهي، جيڪو سياست ۾ اچڻ کان اڳ جو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*