پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ سامهون اچڻ بعد مخالف ڌر جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن

shaikh rashed khursheed shah

پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ سامهون اچڻ بعد مخالف ڌر جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيو آهن، جنهن دوران جي آءِ ٽي رپورٽ بعد پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي. جهن دوران ٻنهي اڳواڻن جي آءِ ٽي رپورٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار سان به فون تي رابطو ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ بعد پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي ۽ فاروق ستار وچ ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت به مشاورت ڪئي وئي.

فاروق ستار چيو آهي ته اپوزيشن ليڊر سان سندس رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران سندس جي آءِ ٽي رپورٽ بابت ڳالهيون ٿيون آهن.

ٻي طرف عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به اپوزيشن ليڊر خورشيد ساهه ملاقات ڪئي.

عوامي مسلم جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته نوازشريف استعيفيٰ نه ڏني ته جيل ويندو.

شيخ رشيد چيو ته سڀاڻي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ نوازشريف کان نجات لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.

خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن جماعتن سان شروعاتي رابطا مڪمل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*