مٺي ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو

مٺيءَ ۾ غذائي کوٽ سبب هڪ وڌيڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 51 ٿي ويو آهي.

مٺي جي اسپتال ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن بعد ضلعي اندر فوتين جو انگ 51 ٿي ويو آهي.

غذائي کوٽ سبب ڳوٺ بچو جي ڊاڻي جي رهواسي پورهيت بچو مل جو ٽن مهينن جو ٻارڙو سريش فوت ٿي ويو.

غذائي کوٽ سبب گذريل ڏينهن سول اسپتال ۾ ڳوٺ روهيڙي واسي پورهيت گورڌن جو 8 ڏينهن جو ڄاول پٽ ۽ زال فوت ٿي ويا.

فوت ٿيل عورت جي وارثن الزام هنيو آهي ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب سندن ٻارڙو ۽ عورت فوت ٿي آهي، ڊاڪٽرن بنا چڪاس جي رت مريض کي چاڙهيو، جنهن سبب سندن عورت فوت ٿي وئي آهي.

ٿرپارڪر ضلعي ۾ هلندڙ ڏڪار ۽  غذائي کوٽ سبب ڏيڍ مهيني اندر فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي50 ٿي ويو آهي، جڏهن ته غلط رت لڳڻ سبب هڪ عورت به فوت ٿي ويو آهي.

ننگر پارڪر، تلهار، ڇاڇرو ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب مريضن جو درست نموني علاج نه ٿيڻ جون شڪايتون پڻ اچي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*