خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ايگريڪلچر ورڪشاپ تي ڇاپو هڻي 7 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي

khairpur anty chapo

خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ايگريڪلچر ورڪشاپ تي ڇاپو هڻي 7 سالن جو رڪارڊ تحويل  ۾ ورتو آهي، اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مختيار لاشاري چيو ته ايگريڪلچر ورڪشاپ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن بابت اطلاع ملڻ بعد ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مختيار لاشاري،جوڊيشل مئجسٽريٽ بهادر علي مهيسر سان گڏجي ايگريڪلچر ورڪشاپ تي ڇاپو هڻي 2010 کان 2017 تائين جو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو، ڇاپي دوران ڪيترائي ملازم ڀتيون ٽپي ڀڄي ويا.

 اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مختيار لاشاري چيو ته ايگريڪلچر ورڪشاپ ۾ مشينري خريد ڪرڻ سميت مختلف طريقن سان وڏي پئماني تي ڪرپشن بابت اطلاع مليا آهن، جنهن بعد ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

هن چيوي ته رڪارڊ ضبط ڪري جاچ ڪري رهيا آهيون،جنهن مان خبر پوندي ته ڪيتري ڪرپشن ڪئي وئي آهي.

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مختيار لاشاري چيو ته ڪرپشن ۾ جيڪي به آفيسر ملوث هوندا انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*