موري لڳ ٽرالر جي ٽڪر جي نتيجي ۾واٽهڙو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو

Accident-Road-27217

موري لڳ ٽرالر  جي ٽڪر جي نتيجي ۾واٽهڙو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

قومي شاهراهه تي ڳوٺ درس جي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڳوٺاڻو غلام شبير ابڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

پوليس لاش تحويل ۾ وٺي موري جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارث کڻائي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ڳوٺ درس  جو رهواسي هو ، ڳوٺ کان موري وڃي رهيو هو ته تيز رفتار ٽرالر کيس ٽڪر هنيو.

پوليس موجب حادثي بعد ٽرالر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*