پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي گهٽ ۽ جن جي آءِ ٽي وڌيڪ هئي

rana sana ullah lhr

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي گهٽ ۽ جن جي آءِ  ٽي وڌيڪ هئي، جناتي جاچ باوجود به نوازشريف جي دامن تي داغ نه لڳو آهي. عدالت کي استدعا ڪنداسين ته رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو وڃي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته ڌرڻن جي دوران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ ڪجهه پاناما ڪيس جي گڏيل جاچ ٽيم ۾ به آهي.

هن چيو ته جي آءِ ٽي جيڪا جاچ ڪئي آهي، ان ۾ نٿو لڳي ته سپريم ڪورٽ جي 13 سوالن جو جواب ڏنو ويو هجي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته هو سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪندا ته جي اءِ ٽي جي رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو وڃي.

راڻا ثناءَ الله چيو ته ايڏي وڏي ٽرائل باوجود جي آءِ ٽي کي ڪنهن به منصوبي ۾ ڪرپشن جو ثبوت نه مليو آهي.

هن چيو ته نوازشريف 36 سال ۾ مختلف اعليٰ عدهن تي رهي آهي، جڏهن ته هن اربين کربين روپين جا منصوبا مڪمل ڪرايا پر ان باوجود مٿس هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*