نوابشاهه ۾ پلاٽ جي مُعاملي تان حملي ۽ جوابدارگرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah

نوابشاهه ۾ پلاٽ جي مُعاملي تان حملي ۽ جوابدارگرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ ناصري جي رهواسڻ پٺاڻي پنهنجي پٽ هادي بخش، ننهن صاحبه ۽ ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙمسمات پٺاڻي دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾سندن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ سندس ڀائٽن ميرل، علي حيدر، اياز، ۽ ٻين ڪهاڙيون هڻي سندس پُٽن مولا بخش، عبدالرزاق ۽ هادي بخش انڙ کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪي اسپتال داخل آهن.

هن چيو ته واقعي جي  رپورٽ ناصري ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي .

هنن چيو ته جوابدارن وري هلان ڪري  عورتن ۽ ٻارڙن کي چماٽون هڻي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*