تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان مني ٽريل بابت سمورا ثبوت عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن

fawad chodhry

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان مني ٽريل بابت سمورا ثبوت عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن فراڊ ڪرپشن ۽ قطرين جا پيسا نه هجن ته مني ٽريل ملي ويندي آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان 1983 ۽ 84 جو رڪارڊ به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته عمران خان ۽ جمائما خان جي به مني ٽريل اچي وئي آهي، هاڻ چيو پيو وڃي ته لنڊن ۾ عمران خان فليٽ ڪئين خريد ڪيا ويا؟

پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته جيڪڏهن هاڻ ڪنهن کي ننڍپڻ جي عيدي جو رڪارڊ به گهرجي ته اهو به جمع ڪرائينداسين پر عمران خان جي نااهلي جو ڪو به چانس نه آهي.

ترجمان چيو ته حنيف عباس طرفان جيڪا پٽيشن فائل آهي، اها بني گالا زمين جي ٽرانزيڪشنز بابت هئي،.

فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اڪبر ايس بابر جا ڪاغذ آڻي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيوويو، انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ خلاف ڪيسن جو مستقبل ردي جي ٽوڪري آهي.

هن چيو ته نواز ليگ جي سمورن الزام جو جواب ڏنو ويو اهي، اسان عوامي نمائندا آهيون، ضروري آهي ته اسان تي ڪرپشن جو داغ نه هجي.

فواد چوڌري چيو ته اسان جو فرض آهي ته عدالتن جي سوالن جا جواب ڏيون، ان لاءِ 1970 کان وٺي هن وقت جو سمورو رڪارد عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته جيڪڏهن فراڊ ، ڪرپشن ۽ قطرين جا پيسا نه هجن ته مني ٽريل ملي ويندو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*