موهن جو دڙو ويجهو دادو ڪئنال جي سونهري ريگيوليٽر وٽ وهجندي ٻڏي ويل 13ورهين جي نينگر شيراز ميمڻ جو لاش 24 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود هٿ اچي نه سگهيو

moin jo daro

موهن جو دڙو ويجهو دادو ڪئنال جي سونهري ريگيوليٽر وٽ وهجندي ٻڏي ويل 13ورهين جي نينگر شيراز ميمڻ جو لاش 24 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود هٿ اچي نه سگهيو، نينگر جي وارثن ضلعي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي نعريبازي ڪئي.

 نينگر جي وارثن شهزادو ميمڻ ۽ مشتاق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ايئرپورٽ روڊ تي چنا پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نينگر شيراز ميمڻ جو لاش هٿ اچي نه سگهيو آهي، ضلعي انتظاميه لاش جي ڳولا ۾ ڪا به مدد نه ڪئي آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري ٽوٻا گهرائي نينگر شيراز ميمڻ جي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*