پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته غلط فيصلن سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، ٻارن جي مستقبل سان کيڏيندڙ کي ڦاهي چاڙهيو وڃي

imrn khan peshawar

پي ٽي آءِ سربراهه  عمران خان چيو آهي ته  غلط فيصلن سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، ٻارن جي مستقبل سان کيڏيندڙ کي ڦاهي چاڙهيو وڃي.

پشاور  جي هڪ اداري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته تعليم جي حوالي سان اسان جو دنيا جي يونيورسٽين سان مقابلو ٿي رهيو آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته هڪ غلط فيصلي سان ادارا تباهي جو شڪار ٿي ويندا آهن، ان ڪري اسان کي درست فيصلا ڪرڻ گهرجن.

عمران خان يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي مقرري ميرٽ  تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته يونيورسٽين جو نظام درست هجڻ لاءِ   ان جو سربراهه درست  هئڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*