پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون ان ڳالهه متفق آهن

shah mehemod

پي ٽي آءِ  اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون ان ڳالهه متفق آهن ته وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، نواز ليگ ٻن گروپن ۾ ورهائجي چڪي آهي، هڪ ڌڙي جو موقف آهي ته ڇڪتاڻ سندن مفاد ۾ نه آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته  مخالف ڌر جي سمورين پارٽين سان رابطا ٿيا آهن ۽ اهي هڪ پيج تي نظر اچي رهيون آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف کي عهدي تي رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي ۽ هاڻي ان عهدو ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو آهي ته سڀاڻي مخالف ڌر جي پارٽين جو اجلاس سڏايو آهي، سمورين پارٽين ۾ اتفاق آهي ته وزير اعظم کي هاڻي هليو وڃڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن وزير اعظم استعيفيٰ نه ڏني ته نااهلي جي صورت ۾ ڇا ڪندو.

هن چيو ته  مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون ان ڳالهه متفق آهن ته وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، نواز ليگ ٻن گروپن ۾ ورهائجي چڪي آهي، هڪ ڌڙي جو موقف آهي ته ڇڪتاڻ سندن مفاد ۾ نه آهي.

جهانگير ترين چيو ته سپريم ڪورٽ کي نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو ڪرڻو آهي ۽ سموريون پارٽيون نواز شريف جي نااهلي جو مطالبو ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نواز شريف جي نااهلي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*