موسميات کاتي سنڌ ۾ چئوماسي برساتن جو نئون سلسلو ٻيهر شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته

rain in pakistan

موسميات کاتي سنڌ ۾ چئوماسي برساتن جو نئون سلسلو ٻيهر شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، چئوماسي جي برساتن جو نئون سلسلو هفتي کان سنڌ ۾ ٻهير شروع ٿي رهيو آهي، آچر ۽ سومر کان اسلام آباد سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ۽ ڪشمير ۾ هلڪي برسات پوندي، جڏهن ته هڪ ڏينهن جي وقفي کانپوءِ چئوماسي جي برساتن جو نئون سلسلوشروع ٿيندو.

موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسلام آٻاد ۾ 103 ملي ميٽر، منڊي بهائوالدين 78، مري 27، اوڪاڙه 23، پشاور 44 ۽ مظفر آباد 51 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

واضح رهي  ته پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٿيل برسات سبب عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي ۽ ٻن ڏينهن دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوتين جو انگ 23 ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*