حيدرآباد جي گدو اسپتال جي ملازمن جي بدلين خلاف نوابشاهه ۾پيرا ميڊيڪل عملي احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah pre medical pro

حيدرآباد جي گدو اسپتال جي ملازمن  جي بدلين خلاف نوابشاهه ۾پيرا ميڊيڪل عملي  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئسن  پاران در محمد بهراڻي، محمد رفيق ڪلوئي، مصطفيٰ ڏاهري ۽ ٻين جي جي اڳواڻي ۾ پيرا ميڊيڪل عملي هٿن ۾ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حيدرآباد جي گدو اسپتال ۾ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ تي اسپتال جي ملازمن حسين بخش کوسي، پرويز اقبال۽ ٻين کي زبردستي  بدلي ڪيو ويو آهي.

 هنن وڏي وزير ۽ ڊي جي صحت کان مطالبو ڪيو آهي ته گدو اسپتال ۾ ڪرپشن جي  تحقيقات ڪرائي، جبري بدلي ڪيل ملازمن کي واپس گدو اسپتال ۾مقرر ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*