ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير چيو آهي ته جي آءِ ٽِي فيصلو عدالت ۾ رهڻ ڏنو وڃي

asma jhangeer

ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير چيو آهي ته جي آءِ ٽِي فيصلو عدالت ۾ رهڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو ڪم ميديا کي ڪرڻو آهي ته پوءِ عدالتون بند ڪيون وڃن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصمه جهانگير چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ قانون معاملو آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ ۾ ئي رهڻ ڏنو وڃي.

هن چيو ته هڪ پارٽي واويلا ڪري ۽ ٻئي خاموش رهي، اهو ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي.

ناليواري قانون دان چيو ته جيڪڏهن سمورا فيصلا ميڊيا کي ڪرڻا آهن ته پوءِ عدالتون ختم ڪيون وڃن.

عاصمه جهانگيرچيو جڏهن ڪنهن به معاملي جو ميڊيا ٽرائل ٿيندو آهي ته اهو معاملو اتي ختم ٿي ويندو آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪم ميڊيا کي ڪرڻو آهي ته  پوءِ عدالتن کي ختم ڪيو وڃي.

ناليواري قانوندان چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اڳ ئي عام ٿي وئي آهي، جي آءِ ٽي  ۽ سپريم ڪورٽ کي پاڻ ۾ نه گڏائڻ گهرجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*