پيپلزپارٽي اڳواڻ سعيد غني ايم ڪيو ايم جا ڌانڌلي وارا الزام رد ڪندي چيو آهي ايم ڪيو ايم جا ڌانڌلي وارا الزام به کل جوڳا آهن

saeed ghani

پيپلزپارٽي اڳواڻ سعيد غني ايم ڪيو ايم جا ڌانڌلي وارا الزام رد ڪندي چيو آهي ايم ڪيو ايم جا ڌانڌلي وارا الزام به کل جوڳا آهن، پولنگس تي پوليس مقرر ئي نه هئي ته ڌانڌلي ڪيئن ڪندي؟.

ڪراچيءَ جي تڪ پي ايس 114 تان ڪامياب ٿيل پيپلزپارٽي اميدوار سعيد غني صوبائي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو .

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪا به پولنگ اسٽيشن تبديل نه ڪئي وئي هئي، سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ  جو الزام بي بنياد آهي..

هن چيو ته  ايم ڪيو ايم ماڻهن کي قتل ڪرائي ماتم ڪرڻ جي عادت جاري رکيون ويٺي آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته پولنگ اسٽيشنز اندر پوليس اهلڪار نه پر رينجرز اهلڪار موجود هئا، جن ٻن ماڻهن کي پولنگ دوران گرفتار ڪيو ويو هو انهن کي ثبوت نه هئڻ ڪري شام وقت ڇڏيو ويو هو.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو  ايم پاڪستان ۾ ڪو به فرق نه آهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ماڻهو مارائي وري پاڻ ئي ماتم ڪندي آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ووٽن جي ڳڻپ وقت ڪنهن به قسم جي شڪايت نه هئي، چونڊن لاءِ هن ڪا به پولنگ اسٽيشن تبديل نه ڪرائي هئي، مٿس سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ جو الزام بي بنياد آهي.

سعيد غني چيو ته سندس چونڊ مهم دوران بلاول ڀٽو سندس تڪ جو دورو ڪيو هو پر ساڻس گڏ موجود ڪنهن به ايم اين اي کي تقرير جي اجازت نه ڏني وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*