جيڪب آباد ۾ شيعا قومي اتحاد پاران دهشتگردن کي آزاد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

jacobabad

جيڪب آباد ۾ شيعا قومي اتحاد پاران دهشتگردن کي آزاد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

علامه مقصود ڊومڪي ۽ فضل عباس شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مرڪزي امام بارگاهه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته پوليس دهشتگردن جي سهولتڪار بڻيل آهي، ڪيس ڪمزور ٺاهڻ  سبب دهشتگرد آزاد ٿي وڃن ٿا.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته دهشتگردي واقعن ۾ ملوث دهشتگردن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*