لاڙڪاڻي ۾ نوجوان پورهيت انصاف دايو کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس وارثن احتجاج ڪيو

Larkana-Police-Map-12517

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان پورهيت انصاف دايو کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس وارثن احتجاج ڪيو.

نظر محلي جي رهواسين احسان دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پورهيت جي وارث عورتن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته هڪ مهينو اڳ نظر محلي مان پورهيت نوجوان انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪنهن به ٿاڻي تي ڏس پتو نه ملي رهيو آهي.

هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته پورهيت انصاف دايو کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*