قانون واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي نيب بابت بل ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي

zia lanjer

قانون واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي نيب بابت بل ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي جو گورنر ان کي رد ڪري، گورنر بل رد ڪري غير آئيني ڪم ڪيو آهي، هيءُ صوبائي خودمختياريءَ جو معاملو آهي، جنهڪري صوبي جي حقن تي ٺاهه نه ڪنداسين.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ضياءُ الحدسن لنجار چيو ته اڳ ٺهيل هر قانون ۾ ترميم جي گنجائش هوندي آهي، جنهنڪري نيب جي قانون ۾ به ان جي ضرورت موجود آهي.

هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي نيب بابت بل ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي جو گورنر ان کي رد ڪري، گورنر بل رد ڪري غير آئيني ڪم ڪيو آهي.

قانون واري صوبائي وزير چيو ته نيب قانون ۾ به هر قانون جيان ترميم جي گنجائش موجود آهي، جنهن بابت وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

ضياءُ الحسن لنجار چيو ته هيءُ صوبائي خودمختياريءَ جو معاملو آهي، جنهڪري صوبي جي حقن تي ٺاهه نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*