پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Accident-Road-27217

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رحيم يار خان ۾ قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ عورت ۽ هڪ ٻارڙو به شامل آهي، جن جا لاش  اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

ميانوالي ۾ ملتان روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن  وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل شخص جو لاش ۽ زخمي کي ميانوالي اسپتال منتقل ڪيوويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*