شهدادپور ويجهو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 مسافر زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي

shadadpur ven kulti

شهدادپور ويجهو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 مسافر زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.

شاهپورچاڪر روڊ تي ڪنڊي ڪاٺي اسٽاپ تي شھدادپور کان نواب شاھ ويندڙ تيز رفتار وين ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي.

 جنهن سبب ٻن عورتن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن شهدادپور  جي اسپتال پهچايو.

 زخمين ۾ املو، رتن، طاهر حسين رند، ڪيول، نصيب، جمن، منو ۽ ٻيا شامل آھن.

جڏهن ته طاهر حسين رند ۽ ڪيول سميت چئن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيوويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*