وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نواز ليگ جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نواز ليگ جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي.

نون ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس دوران چوڌري نثار قافلي جي صورت ۾ پي ايم سيڪريٽريٽ ٻاهران گذري ويو.

وزيراعظم نواز شريف جي آءِ ٽي جي  رپورٽ بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ اپوزيشن جي استعيفيٰ واري مطالبي بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس سڏايو هو.

اجلاس ۾ نواز ليگ  جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته چوڌري نثار قافلي جي صورت ۾ پي ايم سيڪريٽريٽ ٻاهران گذري  واپس هليو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار وزيراعظم نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ پارٽي کان ناراضگي سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.

ان کان اڳ چوڌري نثار جي ترجمان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ساڻس منسوب ڪيل ان بيان جي به ترديد ڪئي هئي، جنهن ۾ چوڌري نثار پاران وزيراعظم کي خراج پيش ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*