خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم پبلڪ هيلٿ ڊويزن ون انجينئر جي آفيس تي ڇاپو هڻي 2013 کان 2017 تائين جو رڪارڊ ضبط ڪيو

khairpur anty cruption

خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم پبلڪ هيلٿ ڊويزن ون انجينئر جي آفيس تي ڇاپو هڻي  2013 کان 2017 تائين جو رڪارڊ ضبط ڪيو، جڏهن ته ڇاپي دوران پبلڪ هيلٿ جو انجينئر ۽ سندس عملو فرار ٿي ويو،سرڪل آفيسر مختيار لاشاري ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪري رڪارڊ ضبط ڪيو ويو آهي.

سرڪل آفيسر مختيار لاشاري ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ بهادر علي مهيسر جي اڳواڻي ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پبلڪ هيلٿ ڊويزن ون انجينئر جي آفيس تي اوچتو ڇاپو هڻي 2013 کان 2017 تائين جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پبلڪ هيلٿ ڊويزن ون انجينئر جي آفيس تي ڇاپي دوران انجينئر ساجن مل ۽ سندس عملو وجهه وٺي فرار ٿي ويو.

سرڪل آفيسر مختيار لاشاري چيو ته پبلڪ هيلٿ ڊويزن ون ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن بابت مختلف ماڻهن درخواستون ڏنيون، جنهن کان پوءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

سرڪل آفيسر مختيار لاشاري چيو ته رڪارڊ جي چيڪ ڪرڻ بعد ڪرپشن بابت معلومات ملي ويندي،ملوث آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*