دادو ۾سرڪاري کاتن ۾ معذور ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ خلاف معذورن احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu mazoor pro

دادو ۾سرڪاري کاتن ۾ معذور ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ خلاف معذورن احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪامورن رشوت وٺي سندن ڪوٽا تي صحتمند ماڻهن کي ڀرتي ڪيو آهي.

معذورن محمد اعظم، بشير احمد چانڊيو، صاحب ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان حتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هنن پوليس، روينيو، آبپاشي، تعليم ۽ ٻين کاتن ۾ بار بار درخواستون ڏنيون آھن، پر کين نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن.

هنن چيو ته  معذورن جي ڪوٽا تي رشوت عيوض صحتمند ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آھن.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي معذور ڪوٽا تي عمل ڪري کين نوڪريون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*