باڊهه ۾ بيواهه عورت ڌيءَ جي مُبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

badah bewah protest

باڊهه ۾ بيواهه عورت ڌيءَ جي مُبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، عورت جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران معاملو راڄوڻي نموني حل ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي.

سومرا پاڙي جي رهواسڻ  بيواهه حاجران زال ذوالفقار سومرو پنهنجي ڀاءُ فنڪار راجا سومرو سان گڏجي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

حاجران سومرو دانهيندي چيو ته ٽي مهينا اڳ بااثر جوابدار حاجن جت سندس نوجوان ڌيءَ سيماسومروکي ورغلائي اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ بعد لاهور ۾وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سيما جي  دانهن تي جوابدارکيس ڇڏي فرار ٿي ويا.

هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻي جي حڪم باوجود باڊهه پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار  ڪيو آهي.

حاجران سومرو چيو ته هاڻ ايس ايڇ او باڊھ   عبدالغفور ڇٽو  جوابدارن سان راڄوڻي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آھي.

 هن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*