ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي خلاف گلستان جوهر ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي

atc

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي خلاف گلستان جوهر ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي جج جي موڪل تي وڃڻ سبب 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.

چائنا ڪٽنگ ڪيس ۾ ڪي ڊي اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر پلاننگ ماسٽر پلان اخلاق احمد،منير احمد ۽ ٻيا سرڪاري آفيسر شامل آهن، جن تي گلستان جوهر ۾ 13 پلاٽ چائنا ڪٽنگ ڪرڻ جو الزام آهي.

نيب موجب جوابدارن چائنا ڪٽنگ ڪري قومي خزاني کي 50 ڪروڙن نقصان پهچايو آهي، ريفرنس ۾ احسن عرف چنو مامون سميت 5  جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.

احتساب عدالت جج جي موڪل تي وڃڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*