خانواهڻ مائنر جا ڪپر ڪمزور هجڻ خلاف آبادگارن ۽ ٻين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

khanwan protest

خانواهڻ مائنر جا ڪپر ڪمزور هجڻ خلاف آبادگارن ۽ ٻين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته مائنر جا ڪَپر ڪمزور هئڻ سبب سندن ڳوٺ ۽ فصل ٻُڏڻ جو خطرو آهي.

ڳوٺ الهوسايو انڙ جي رهواسين ۽ خانواهڻ مائنر جي آبادگارن خادم حسين، امداد حسين، امجد، عمران انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته خانواهڻ مائينر جا ڪَپر ڪمزور هجڻ سبب ڳوٺ الهوسايو انڙ، عباس ڪونڌر، پيرالياس ، مڏ ڪونڌر سميت سوين ايڪڙن تي بيٺل باغ ۽ٻيا فصل ٻڏڻ جو خطرو آهي.

هنن چيو ته بار بار دانهڻ باوجود آبپاشي عملدار ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن سبب وڏي نقصان جو خدشوآهي.

 هنن گهر ڪئي ته خانواهڻ مائينر جا ڪپر مظبوط ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*