ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته پاناما معاملي تي ڪا به توهين نه ڪئي آهي

Saad-Rafique-24417

ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته پاناما معاملي تي ڪا به توهين نه ڪئي آهي، انڪري معافي ڇو گهران، پاناما ڪيس کي قانوني انداز ۾ وڙهيو ويندو، اهڙي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سڀئي هارائي ويا آهن کٽيو ڪنهن به نه آهي.

اسلام آباد ۾ اٽارني جنرل سان سندس آفيس ۾ ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته عدالت کانئس تقريرن جا ٽرانسڪرپٽ گهريا آهن پر نوٽيس ڪو به نه موڪليو آهي.

هن چيو ته هو مشاورت لاءِ اٽارني جنرل وٽ آيو آهي ۽ ٽرانسڪرپٽ به اٽارني جنرل ذريعي ئي عدالت ۾ داخل ڪرايا ويندا.

سعد رفيق چيو ته هن عدالت جي ڪا به توهين نه ڪئي آهي ته پوءِ معافي ڇو وٺي، پاناما ڪيس کي قانوني انداز ۾ وڙهيو ويندو.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته اهڙي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سڀئي هارائي ويا آهن کٽيو ڪنهن به نه آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومتون اچڻ ۽ وڃڻ جو نظام ووٽ ذريعي ٿيڻ گهرجي، هو پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ گهرن ٿا پر عمران خان ملڪ کي پوئتي وٺي وڃي رهيو آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته ايٽمي طاقت رکندڙ پاڪستان عالمي طاقتن جي اکين ۾ کٽڪي ٿو، جيڪي سازشون ڪري ان کي فقير بڻائي رکڻ چاهين ٿيون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*