ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي

saleem shahzad

ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، لنڊن کان ملڪ واپسي تي ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم شهزاد چيو ته ايم ڪيو ايم جي غيرفعال اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان مسلسل رابطي ۾ آهيان.

هن چيو ته مان پهرين به سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، هاڻي به سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏيندس.

سليم شهزاد چيو پنهنجي همدردن ۽ دوستن جي صلاح مشوري بعد نئين پارٽي جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*