ڀان سيد آباد ۾بجلي جا سَڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ ۽ لوڊ شيڊنگ خلاف چوٿين ڏينهن به شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

bhan syedabad ahtjaj

ڀان سيد آباد ۾بجلي جا سَڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ  ۽ لوڊ شيڊنگ خلاف چوٿين ڏينهن به شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهربچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهرين علامه محمد، معشوق مجددي، ڪاڪ محمد لغاري ،علي نواز سيهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مختلف محلن ۾ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جا 14ٽرانسفارمر سڙيل آهن، پر سيپڪو انتظاميا ٽرانسفارمرتبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي.

هنن چيو ته شهر جي ٻين علائقن ۾هٿرادو لوڊ شيڊنگ جي ڪري 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، جنھن سبب شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي،شهري ننڊ لاءِ سڪي ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو آھي ته سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*