جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاناما ليڪس پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي

Mulana-Fazal-13816

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاناما ليڪس پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد رکون ٿا، جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جمهوريت مخالفن کي حوصلو ڏيڻ صحيح ناهي، پاناما ليڪس جو ڪرپشن سان ڪو واسطو ناهي.

هن چيو ته پاڪ-چين دوستي اقتصادي دوستي بڻجي وئي آهي، ون بيلٽ ون روڊ منصوبو پاڪستان ذريعي مڪمل ٿي رهيو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد رکون ٿا، فوج ۽ قوم کي هڪ پيج تي هئڻ گهرجي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جمهوريت سان گڏ آهيون،ڪوشش آهي ته ادارن کي غيرجانبدار رهڻ ڏيون.

هن چيو ته پهرين آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ هاڻي نواز شريف کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته گذريل 4 سالن دوران ڪرپشن جو ڪو به اسڪينڊل سامهون نه آيو آهي، ايم ايم اي جي سڀني جماعتن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*