ٺارو شاهه ۾ مارڪيٽ ڪميٽي ڀريا جي اهلڪارن جي مبينا زيادتين خلاف واپارين احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو

thahrushah wapari ahtjaj

ٺارو شاهه ۾ مارڪيٽ ڪميٽي ڀريا جي اهلڪارن جي مبينا زيادتين خلاف واپارين احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو.

دڪاندار ايسوسيئيشن پاران ائسوسيئشن جي صدر ميرخان بالادي، غلام مصطفيٰ ابڙو، عبدالفتاح بالادي ۽ علي گوهر اڄڻ جي اڳواڻي ۾ واپارين بخاري چوڪ تي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن  چيو ته مارڪيٽ ڪاميٽي ڀريا جا عملدار  دڪاندارن کان هر هفتي  مختلف ٽيڪسن جي بهاني ڀَتو وٺي تنگ ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته مارڪيٽ ڪاميٽي جا عملدار دڪانن تي چڙهي داٻا ڏئي پئيسا وٺن ٿا.

هنن چيو ته پئيسن جي رسيد طلب ڪرڻ تان هو چالان ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏين ٿا.

هنن ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر  ڀريا کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ شٽربند هڙتال ڪري  ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*