پٽ جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف خيرپور واسي پورهيت خاندان سميت ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

khi press club

پٽ جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف خيرپور واسي پورهيت خاندان سميت ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

پورهيت اعجاز احمد شيخ ڪراچي پريس ڪلب پهچي 4 مهينا اڳ قتل ٿيل پٽ فياض احمد جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي خيرپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ پورهيت چيو ته خيرپور پوليس سندس پٽ کي قتل ڪندڙ جوابدارن عابد شيخ، عادل ۽ پروين سان ٻٽ بڻيل آهي جنهنڪري انهن خلاف ڪيس داخل نه پئي ڪري.

هنن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جو قتل ڪيس داخل ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*