ٺٽي ۾اسپتالون اين جي او حوالي ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

thatta-06

ٺٽي ۾اسپتالون اين جي او حوالي ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن راجو قريشي، ستار ميرانخور ۽ ناٿو خان بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد سول اسپتال اڳيان ڌرڻوهنيو.

اڳواڻن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جون اسپتالون اين جي او کي ڏيڻ  بعد ٻنهي ضلعن جو عوام مفت علاج جي سهولت کان محروم ٿي ويوآهي.

هنن چيو ته سول اسپتال ٺٽو ٻن ضلعن جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، پر ان جي باوجود اسپتال ۾ماهر ڊاڪٽرن جون جايون خالي آهن ۽ مريضن کي دوائون به ٻاهران خريد ڪرڻيون پون ٿيون.

هنن مطالبو ڪيو ته اسپتالن جو انتطام اين جي او ز کان واپس وٺي، عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*