ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي آءِ ٽي رپورٽ تي اعتراضن واريندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي

ishaq-dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي آءِ ٽي رپورٽ تي اعتراضن واريندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، هن رپورٽ ۾ مٿس لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

اسحاق ڊار پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رپورٽ ۾ مٿس لڳايل الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي.

اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته سندس حوالي سان جي آءِ ٽي جي رپورٽ حقيقتن جي ابتڙ آهي.

اسحاق ڊار چيو ته جي آءِ ٽي جن اثاثن ۾ واڌ جو لکيو، ان بابت ساڻن ڪي به سوال نه ڪيا ويا هئا.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته اثاثا لڪايا ۽ ٽيڪس چوري ڪئي وئي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي اثاثن ۾ اضافي بابت پڇي ها ته هو دستاويزي ثبوتن ذريعي ثابت ڪري ها.

هن چيو ته جي آءِ ٽي حدن کان وڌيڪ اختيار استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به سبب جو ذڪر ناهي ڪيو.

اسحاق ڊار جو موقف آهي ته رپورٽ ۾ سندس آمدني ۽ اثاثن جو ذڪر ڪيو ويو، جنهن جو سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ ذڪر نه هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*