وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزير اعظم کان استعيفا جو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته نواز شريف وٽ عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواز نه بچيو آهي

cm ijlas

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزير اعظم کان استعيفا جو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته نواز شريف وٽ عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواز نه بچيو آهي،کيس فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي.

 ٿر ڪول واري علائقي ۾ ٿر ايئر پورٽ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن وزيراعظم کي نا اهل قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ نواز شريف وٽ عهدي تي رهڻ جو ڪو جواز نه بچيو آهي.

هن چيو ته هو اڳ به چئي چڪو  آهي ته نواز شريف کي فوري طور عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي .

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ تمام گهڻا ثبوت سامهون آيا آهن، هاڻ وزير اعظم کي استعيفا ڏيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*