سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ 33 سيٽن لاءِ 144 اميدوارن حصو ورتو

سنڌ بار ڪائونسل جي 33 سيٽن تي 144 اميدوارن وچ ۾ مقابلي جو ميدان سجِي ويو آهي ۽ پولنگ جاري آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي عمارت ۾ بار ڪائونسل جي چونڊن لاءِ 22 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن.

          سنڌ بار ڪائوسنل جي چونڊن لاءِ  ڪراچي جون ٽوٽل 16 سيٽون آهن، جنهن ۾ ڪراچي سينٽر جي 4 سيٽن تي 18 اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

          ڪراچي اولهه جي هڪ سيٽ تي به 8 اميدوار هڪٻئي جي سامهون آهن، حيدرآباد لاءِ 3،  سکر ۽ لاڙڪاڻي لاءِ 2 سيٽون آهن، جڏهن ته  گهوٽڪي، نوابشاهه، نوشهرو فيروز، جيڪب آباد، شڪارپور ، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ لاءِ هڪ هڪ سيٽ آهي.

سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عبدالفتاح ملڪ رٽرننگ آفيسر طور پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*