سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي جا اختيار ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ بابت ميئر وسيم اختر جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي ڏنل هدايتن تي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي

sindh-highi-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي جا اختيار ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ بابت ميئر وسيم اختر جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي ڏنل هدايتن تي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ رڳو آبزرويشن ڏني هئي، جنهن تي عمل ضروري ناهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي جا اختيار ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪاروپوريشن حوالي ڪرڻ بابت ميئر وسيم اختر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

وسيم اختر جي وڪيل بيرسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اٿارٽي کي ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر 4 مهينا گذرڻ باوجود ان تي عمل ناهي ڪيو ويو.

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته سپريم ڪورٽ اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڏنو رڳو ڪيس ۾ آبزرويشن ڏني هئي، جنهن تي عمل ضروري ناهي.

ڪي ايم سي جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته اهو عدالتي حڪم هو، جنهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، جيڪو آئين جي آرٽيڪل 140 جي ڀڃڪڙي آهي.

جسٽس منيب اختر چيو ته هو اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي ڪيئن ٿا ڪري سگهن، جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي يا ان جو ڪو فيصلو آيل آهي، اوهان سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري سگهو ٿا.

فروغ نسيم جي اصرار تي عدالت چيو ته عوامي مسئلو هئڻ ڪري هو ان کي ٻڌڻ لاءِ تيار آهن پر ان نقطي تي دليل ڏنا وڃن ته سپريم ڪورٽ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ اٿارٽي جي حوالي سان حڪم ڏنو آهي يا آبزرويشن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪنهن معاملي تي ڪو دليل نه ٻڌندا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*