ٺل ويجهو 8 مهينا اڳ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار محمد يعقوب ٻرڙو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سندس وارثن باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

thul1

ٺل ويجهو 8 مهينا اڳ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار محمد يعقوب ٻرڙو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سندس وارثن باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.

فوت ٿي ويل پوليس اهلڪار جي وارثن عودي باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته 8 مهينا اڳ هٿياربندن جي مقابلي ۾ پوليس اهلڪار محمد يعقوب ٻرڙو زخمي ٿيو هو پر پوليس کاتي ۽ سنڌ حڪومت اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي.

 هنن چيو ته حڪومت ۽ پوليس کاتي جي لاپرواهي سبب اسان جو نوجوان پوليس اهلڪار اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*