سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس اعجاز الحسن چيو آهي ته ڪيس نيب ڏانهن موڪلڻ يا وزيراعظم جي نااهلي بابت فيصلو جي آءِ ٽي رپورٽ جي شاهدين جو جائزو وٺڻ بعد ڪيو ويندو، جسٽس اعجاز افضل چيو آهي ته اثاثن کي تسليم ڪيو ويو آهي، ڪيس جو فيصلو جي آءِ ٽي جي سفارشن تي نه پر شاهدين جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما لڪيس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ ڪئي.

وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي شفاف ٽرائل ٿي نه ٿو سگهي، وزيراعظم ايف زيڊ ڪمپني کان ڪا به پگهار نه کنئي آهي

وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته لنڊن فليٽ ۽ ملز سان نوازشريف جو ڪو به واسطو نه آهي، عدالت وزيراعظم جي تقرير ۾ تضاد بابت حڪم جاري نه ٿي ڪري سگهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته منهنجي يادداشت موجب لنڊن فليٽس پهرين ڪيس جو به حصو رهيو آهي:

جسٽس اعجاز اعجاز افضل چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته فليٽن جو ذريعو ۽ رڪارڊ موجود آهي، هاڻ جواب سان ئي سمورو معاملو ختم ٿي سگهي ٿو.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته فليٽن جي مليڪت ثابت ڪرڻي پوندي ۽ هو فيصلو اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪيت هتي ثابت ڪرڻي آهي يا ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪرڻي آهي، صرف هڪ جواب سمورو معاملو ختم ڪري ڇڏيندو.

وڪيل خواجه حارث چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ جاچ جو رخ طئي ڪري ڇڏيو هو.

خواجا حارث چيو ته سپريم ڪورٽ جي سوالن ۾ نواز شريف بابت تحفن جو ذڪر هو ۽ عدالت نواز شريف خلاف ڪنهن ڪيس کي ٻيهر کولڻ جو حڪم نه ڏنو هو.

وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ لنڊن فليٽس، قطري شهزادي جي خط، بيئررز سرٽيفڪيٽ بابت سوال پڇا ۽ جواب به گهريا ويا ها.جڏهن ته جي آءِ جي آءِ ٽي 13 سوالن سان گڏ وڌيڪ 2 سوال اٿاريا.

جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته اهي 2 سوال ڪهڙا آهن.

وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته عدالتن ۾ ختم ٿيل ڪيسن بابت به جي آءِ ٽي جاچ پڙتال ڪئي پر عدالت اهڙو ڪو به حڪم نه ڏنو هو.

جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي مني ٽريل ۽ آمدني جي ذريعن جو پهرين ڏينهن کان انتظار آهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته توهان پنهنجي جواب ۾ ڪنهن به دستاويز جي ترديد نه ڪئي آهي، توهان لاءِ در بند نه پيا ڪيا وڃن.

جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم سميت سڀني کي صفائي جو موقعو ڏنو ويو، حقيقتون لڪايون ويون ۽ جواب نه ڏنا ويا.

عدالت چيو ته ڪو چوي ٿو ته ياد ناهي، ڪو چوي ٿو اڪائونٽنٽ کي خبر هوندي. .

سپريم ڪورٽ چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته صفائي جو موقعو نه ڏنو ويو، حڪومت پنهنجي صفائي ۾ جيڪو چوڻ چاهي چئي پئي سگهي پر نه چيو ويو.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته  جي آءِ ٽي رڳو سفارشون پيش ڪيون، آرڊر عدالت کي جاري ڪرڻو آهي.

جسٽس شيخ عظمت سعيد سوال ڪيو ته ڇا وزيراعظم حسن جو والد ۽ ايف زيڊي اي ڪمپني جو مالڪ ناهي.

خواجه حارث چيو ته ايف زيڊ اي ڪمپني حسن نواز جي ملڪيت آهي، وزيراعظم نه ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ نه ڪڏهن پگهار ورتي آهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪي ڳالهيون جي آءِ ٽي کي پڇڻيون هيون اسان پڇي ڇڏيون، معاملو ختم ٿي ويو.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته وزيراعظم چيو هو ته هو ثابت ڪندا پر عدالت ۾ ڪجهه نه ڏنو ويو آهي، وزيراعظم پاڻ دستاويز ڏيڻ واري بيان کان آجو نه ٿو ٿي سگهي.

سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل کي سڀاڻي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*