پيپلزپارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نوازشريف جي نااهلي جا امڪان واضح طور ظاهر ٿي رهيا آهن

ahtizaz hasan

پيپلزپارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نوازشريف جي نااهلي جا امڪان واضح طور ظاهر ٿي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي رپورت کي تسليم ڪرڻ جي پابند نه آهي.

اسلام آباد ۾ ميديا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ڪيس حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن مان نوازشريف جي نااهلي جا امڪان به واضح طور ظاهر ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ شريف خاندان خلاف سموريون حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن، جي آءِ ٽي هو انڪشاف ڪيو ته نوازشريف وزيراعظم هوندي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ملازمت به ڪندو رهيو.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته مريم نواز پنهنجي مٿان لڳايل الزام جو دفاع نه ڪري سگهي، حسن ۽ حسين نواز جي آمدني ۾ جهڙي ريت اضافو ٿيو آهي، اها جي آءِ ٽي ٻڌائي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*