اڄ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پٽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي 32 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

shahnawaz bhutto warsi

اڄ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پٽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي 32 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهنواز ڀٽو جي ضياءَ دور ۾ دليراڻي جدوجهد کي پ پ قيادت ۽ ڪارڪن ڪڏهن به نه وساري سگهندا.

شهيد شاهنواز ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ المرتضي هائوس ۽ نئين ديري هائوس ۾ قران خواني ڪئي وئي، ڪارڪنن شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون به چاڙهيون.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ننڊي ڀاءُ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ آمريت خلاف مزاحمت کي ترجيع ڏني ۽ شهادت ماڻي.

هن چيو ته شاهنواز ڀٽي جمهوريت جي بحالي لاءِ ضياءَ دور ۾ دليراڻي جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ بدري برداشت ڪئي، جنهن کي پ پ قيادت ۽ ڪارڪن ڪڏهن به نه وساري سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*