ٽنڊي آدم ميونسپل ڪميٽي جي آفيس تي اينٽي ڪرپشن ڇاپوهڻي رڪارڊ ضبط ڪري ڇڏيو

t adam anty chapo

ٽنڊي آدم ميونسپل ڪميٽي جي آفيس تي اينٽي ڪرپشن ڇاپوهڻي رڪارڊ ضبط ڪري ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته بجيٽ جي غلط استعمال ۽ ملازمن جا جعلي پروموشن ٿيڻ جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي .

اينٽي ڪرپشن پوليس حيدآباد جي ٽيم ميونسپل ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي ميونسپل ڪميٽي جي خرچن ۽ ملازمن جي پروموشن بابت رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڇاپي وقت آفيس جو عملو فرار ٿي ويو.

ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن عملدار احمد علي بروهي ٻڌايو ته ڪرپشن ۽ جعلي پروموشن جي شڪايتن ته ڪارروائي ڪري رڪاڊ تحويل ۾ ورتو آهي، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*