سکر شهر ۾ رين ايمرجنسي تحت نالن جي صفائي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي

sukkur safai

سکر شهر ۾ رين ايمرجنسي تحت نالن جي صفائي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ميونسپل ڪارپوريشن عملدارن سان گڏ رينجرز جا آفيسر به صفائي واري ڪم جي نگراني ڪري رهيا آهن.

رينجرز آفيسرن شهر جي مختلف پمپنگ اسٽيشنز  جو دورو ڪري مشينن جو جائزو ورتو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ڊسپوزل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.

شهباز رينجرز 81 ونگ جي ڪمانڊر چيو ته برسات سبب شهر مان پاڻي نيڪال وارو نظام مفلوج ٿي ويندو آهي، ان سلسلي ۾ صفائي ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*