سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي ۽ زوردار برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي ۽ زوردار برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ، اورنگي ٽائون، فيڊرل بي ايريا، لياقت آباد، نارٿ ناظم آباد، ڪريم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي، جنهن کانپوءِ شهري وڏي تعداد ۾ شهر جي تفريح ماڳن تي پهچي ويا.
خيرپور، سيوهڻ ۽ قاضي احمد ۾به سخت گرمي ۽ گهٽ ٻوسٽ کانپوءِ زوردار وسڪارو ٿيو، جنهن سان موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.