عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وزيراعظم ميان نوازشريف خلاف احتجاجي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن ۾ سهڪار جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن

shaikh rasheed meet

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وزيراعظم ميان نوازشريف خلاف احتجاجي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن ۾ سهڪار جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، خورشيد شاهه سان ملاقات بعد هن عمران خان سان به ملاقات ڪئي آهي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به موجود هئا.

ذريعن موجب ملاقات دوران پاناما ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ بعد وزيراعظم نوازشريف مٿان استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ وڌائڻ ۽ اپوزيشن پارٽين ۾ سهڪار وڌائڻ بابت مشاورت ڪئي وئي.

خورشيد شاهه سان ملاقات بعد شيخ رشيد احمد بني گالا پهچي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب ملاقات ۾ حڪومت مخالف احتجاج کي تيز ڪرڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*