باڊهه ۾ خوراڪ کاتي جون ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون کليل آسمان هيٺ پيل آهن

badah

باڊهه ۾ خوراڪ کاتي جون ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون کليل آسمان هيٺ پيل آهن، جيڪي برسات ۽ سرئي ۾ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۽ ڪوٽڙي لاءِ خريد ڪيل ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون باڊهه ۾ کليل آسمان هيٺ گدامن ۾ پيل آهن.

عملدارن چيو ته ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون زبون حال گودامن ۾ مينهن ۽ سرئي سبب خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

هنن چيو ته فوري طور تي ڪڻڪ جي منتقلي جو انتظام ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان کان بچايو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*