ٺاروشاهه پوليس مبينا مقابلي دوران ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

tharushah

ٺاروشاهه پوليس مبينا مقابلي دوران ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب مٺياڻي لنڪ روڊ تي مقابلي دوران ڏوهاري سائينداد ڀيلار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي.

ايس ايڇ او اختر ابڙو جو چوڻ هو ته لنڪ روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس جي گشتي ٽيم کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني.

هن چيو ته مقابلي دوران ڏوهاري سائينداد ڀيلار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن.

 پوليس موجب گرفتار جوابدار تي راڻيپور واسي ذوالفقار ڀيلار جي قتل سميت ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*