سپريم ڪورٽ ۾ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي

supreme court

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليم نمبر چار ۽ 10 ۾ خطرناڪ دستاويز آهن، فليٽس جي مالڪي لڪائڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون ٺاهيون ويون، لنڊن فليٽس جي خريداري لاءِ پيسا ڪٿان آيا ڪجهه به واضع ناهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته فيصلو اسان ڪيون يا معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪليون.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس عظمت سعيد تي ٻڌل بينچ پاناما عملدارآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث دليل جاري رکندي چيو ته هو جي آءِ ٽي جي پيش ڪيل دستاويزن جي حيثيت تي دليل ۽ عدالتي فيصلا پيش ڪندو.

خواجا حارث چيو ته وزيراعظم سمورا اثاثا قانون موجب ظاهر ڪيا، جي آءِٽي کي وزيراعظم ساڳيا تفصيل ڏنا، ظاهر ڪيل اثاثن کانسواءِ ٻيا ڪي به اثاثا نه آهن.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته بنيادي سوال اهو آهي ته فنڊ ڪٿان آيا، باقي سب سوال سيڪنڊري آهن.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته اهو به اهم سوال آهي ته لنڊن جافليٽ ڪڏهن خريد ڪيا ويا؟

جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪيس 93ع کان اثاثا استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آهي.  

خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته ڪيس جي نوعيت الڳ آهي، اثاثا وزيراعظم جي نالي ناهن، جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اختيارن کان هٽي ڪري ڪم ڪيو، وزيراعظم جي بي نامي اثاثن جو ذڪر ناهي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته انهي ڳالهه جو ڪو ثبوت ناهي ته وزيراعظم پاڻ ڪنهن به پراپرٽي جو مالڪ ناهي،اسان هن ڪيس جي سمورن پاسن کان چڱي ريت واقف آهيون.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته اثاثن جو استعمال هيٺ اچڻ  الڳ ڳالهه آهي، انهن مان فائدو وٺڻ الڳ ڳالهه آهي.

جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته برطانوي ڪمپني منروا سان سروس معاهدي تي ڪنهن صحيح ڪئي اهي ڪاغذ ڏيکاريا وڃن.

وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ڪنهن لاڳاپيل شخص جي اثاثن مان فائدو وٺندڙ جوابدار نه ٿيندوآهي ۽ نيب قانون ۾ به ايئن آهي.

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اها ڳالهه سمجهي وياسين ته اهڙو ڪو دستاويز ناهي جنهن مان وزيراعظم جي فليٽ جو مالڪ هجڻ جي تصديق ٿئي پر الميو اهو آهي ته اهڙو به دستاويز ناهي جنهن مان اصل مالڪ جي خبر پوي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڪو به دستاويز ناهي، ملڪيت تي ڪو جهيڙو ٿي پوي ته اهو ڏٺو ويندو آهي ته ملڪيت ڪنهن جي نالي تي آهي، فائدو ڪير پيو وٺي ۽ ٽائيٽل ڪنهن جو آهي.

جسٽس عظمت ريمارڪس ڏيندي چيوته مالڪ جي خبر پئجي وڃي ته سوال پيدا ٿي ويندو ته پئسان ڪٿان آيا؟

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رپورٽ جي واليم 4 ۾ خطرناڪ قسم جا دستاويز شامل آهن، منهنجو اشارو ٽرسٽ ڊيڊ جي حوالي سان آهي. جي آءِ ٽي ٽرسٽ ڊيڊ جي حوالي سان نتيجو به ڪڍيو آهي.

خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽِي فليٽن جي حوالي سان مفروضن تي ٻڌل نتيجو ڪڍيو، ڇا وزيراعظم انهن اثاثن جا جواب ڏيڻ جو به پابند آهي، جيڪي هن جا آهن ئي ڪونه.

خواجا حارث چيو ته جي آءِ ٽي کي وزيراعظم کان رڳو 93 کان 95 تائين فليٽن جو پڇڻ گهرجي ها.

وڪيل خواجا حارث کان پڇاڻو ڪيو ويو ته سوال اهو آهي ته پراپرٽي ڪڏهن خريدي وئي، فنڊ ڪٿان آيا ۽ ڪاڏي ويا؟ وزير اعظم چيو هو ته سڀني جي مني ٽريل آهي.

جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ۾ وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث کي جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليوم 4 ۽ واليوم 10 کان محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي.

خواجا حارث دليلن ڏيندي چيو ته هاڻ هو واليوم فور تي ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو.

سپريم ڪورٽ وزيرعظم نوازشريف جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*